ڀارواڻي وشنداس

ڀارواڻي، وشنداس: وشنداس ڀارواڻي، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ڳوٺ ”مانجھوءَ“ ۾ 1843ع تي ڄائو. سندس پيءُ جو نالو سيٺ نهالچند ڀارواڻي هو، جيڪو ”پکن ڌڻيءَ“ جي درٻار جو هڪ رتن هو ۽ واپاري هئڻ سان گڏ بزرگ ۽ شاعر به هو، سندس ڪيترائي مريد هئا. سکر جو درويش شاعر بچل شاهه به سيٺ نهالچند جو مريد هو. سيٺ وشنداس جون ننڍپڻ ۾ ڪچهريون، پنهنجي باغ ”بلاس“ ۾ ڪيترن مهتن ۽ پنڊتن سان ٿينديون هيون، هو طبع ۾ ويراڳ سبب هن وطن جا وڻ ڇڏي ڳوٺ جليانوالا، ضلعي فضور، پنجاب ۾ ڀڳت گلابداس جي چرنن ۾ پهتو. ٻارهن مهينن کان پوءِ کيس مرشد موڪل ڏني. پاڻ سنگيت جو ڪوڏيو هو. وٽس سنڌ جا مشهور گويا ۽ راڳي هِدو خان ۽ سندس پٽ سينڌو خان هميشه موجود رهندا هئا. تصوف تي ڪتاب لکرايا، جن ۾ مکيه شاعرن جا ڪلام، اُردو، پارسي، سنڌي ۽ سرائڪي ۾ گڏ ڪري مفت ۾ ورهائڻ جو انتظام ڪيائين. قرآن شريف جو ترجمو ڪرائي، مفت ورهايائين. اهڙيءَ طره سماج جي سڌاري تي ڪتاب ۽ وشن پرڪاش، وشن گنج، وشن گيان، وشن راڳ، ”ڪريما“ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو، وش سڀا وغيره، ڪتاب ڇپرائي، مفت ورهايائين. ڪيترا اديب سندس ڪشاده دوستيءَ مان مستفيد ٿيندا هئا. 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي برپا ٿيڻ واري پهرئين اجلاس ۾، بمبئي وڃي شريڪ ٿيو. 1906ع جي ڪلڪتي واري اجلاس، ۽ 1908ع جي مدراس وارن اجلاس ۽ 1918ع تائين ڪانگريس جي اڪثر اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو گهڻو عرصو ميمبر رهيو جيستائين جيئرو هو تيستائين تعلقي لوڪل بورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ رهندو آيو. کيس انگريزن جي حڪومت ۾ چڱي پهچ هئي. جنهنڪري ”راءِ بهادري“ جو خطاب مليو هوس. ان جو مکيه ڪارڻ انگريزن جي پوئلڳي ڪرڻ نه هو، بلڪه وقت جي آفيسرن طرفان قائم ڪيل عوامي ڀلائيءَ جي ادارن ۾ دل کولي خيرات ڏيندو هو. سندس اولاد به ساڳيءَ طرح ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهيو. سندس فرزند هرچند راءِ جي زندگي جو احوال ”رتن جوت“ ڪتاب ۾ قلمبند ٿي چڪو آهي. هو والد جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. سندس پوٽو سيٺ سکديو ڪجهه وقت پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ ۾ هو ۽ ڪانگريس هلچل ۾ مکيه بهرو ورتو هئائين، جنهن جو احوال ”رتن جوت“ ڪتاب ۾ آيل آهي. پاڻ ڪو وقت سنڌ هندو پئنچائت جو مکي هو. هي فرشته صفت انسان 7 جنوري 1929ع تي گهڻو وقت بيمار رهڻ بعد 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو